بند مراد

بند مراد: هيءُ بند، حب نديءَ جي ڪناري تي ٻڌل آهي. هيءُ بند ڪراچيءَ کان اتر طرف، منگهي پير کان 15 ڪلوميٽر پري آهي. هن وقت، هن بند جو ڳچ حصو حب نديءَ جي وهڪري سبب لڙهي چڪو آهي، پر هن بند جو بچيل حصو اها شاهدي ڏئي ٿو ته هيءُ اڳاٽو بندُ هڪ شاهڪار تعمير آهي. هيءُ بند هڪ مقامي وڏيري مراد خان پنهنجي ذاتي خرچ ۽ جاکوڙ سان تعمير ڪرايو هو. انهيءَ ڪري هن بند تي ”بند مراد“ نالو پيو. هن وقت حب نديءَ تي ”حب ڊئم“ نالي هڪ عظيم بند ٻڌجي چڪو آهي، جيڪو علائقي جي جر (هيٺئين پاڻي) ۾ پاڻيءَ جي سطح وڌائڻ سبب ڏاڍو ڪارائتو ثابت ٿيو آهي. جيڪڏهن حب ڊئم کان ڏکڻ طرف حب جي ماٿريءَ ۾ نهاربو ته هنڌ هنڌ ساوڪ ۽ ساوا کيت نظر ايندا. ماضيءَ ۾ اهوئي ڪم بند مراد ڪندو رهيو هو. بلوچستان جي ضلعي لس ٻيلي ۽ خضدار کان سواءِ کيرٿر جبل جي الهندي پاسي، جابلو ندين ۽ ڍورن جي پيٽ ۾ بند ٻڌڻ جو رواج گهٽ ۾ گهٽ پنج هزار سال پراڻو آهي. اهڙن قديم بندن جو سڀ کان پهريون ذڪر مسٽر هيوز بلر 1901ع ۾ ڪيو هو، جنهن بلوچستان جي سارونا ماٿريءَ ۾ احمد بند ۽ پير مونا ڳڙهه بند ڏٺا هئا. صرف سارونا ماٿريءَ ۾ اهڙن بندن جو تعداد چاليهه پنجاهه آهي. نئن وندر جا اڪثر ڍورا آڳاٽن بندن جي موجودگيءَ جا شاهد آهن. خود بند مراد ويجهو تاريخ کان آڳاٽي آباديءَ جا اهڃاڻ موجود آهن.هتي همدرد يونيورسٽيءَ جي شاندار نئين ڪئمپس اڏي وئي آهي .


لفظ بند مرادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو